جده -19 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت مڪي پاڪ جي برانچ چيو آهي، ته جده اسلامي بندرگاه رستي آيل 14 لک کان وڌيڪ چوپائي ما?? جي ڪليئرنس جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. العربيه نيوز مطابق وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل ماجد الخليف ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن ج??نورن مان 6 لک 33 هزار اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) جي قرباني پروگرام لاءِ آهن. هڪ موسم دوران وڌيڪ چوپايو مال مملڪت ۾ آ??دو ويندو. هن ٻڌايو ته مڪي پاڪ ريجن ۾ اسان جي وزارت چوپائي مال جا قرنطينيه مرڪز ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون آهن ??تي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته جانور وبائي بي??ارين کان پاڪ هجن. ڊي جي جو چوڻ هو ته چوپائي مال جا جهاز بندرگاه پهتا آهن، جانورن جو ڊاڪٽر معائنو ڪندا جنهن بعد پتو لڳايو وي??دو ته امپورٽ ڪيل جانور صحتمند آهن يا نه. ان حوالي سان جي سي سي ملڪن ۾ رائج قرنطينه قانون لاڳو ڪيو وي??دو آهي.
حج سيزن لاءِ 14 لک کان وڌيڪ چوپايو مال جده بندرگاه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب