گڏيل قومون -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هن غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ ٿيل تباهي ۽ فوتگين جهڙي صورتحال ڪٿي به ناهي ڏٺي. آمريڪي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ا??يل ڪئي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل جي حيثيت سان سندس ستن سالن جي دور ۾ ٿيل ان بدترين تباهي ۽ فوتگين کي روڪڻ گهرجي.هن چيو ته اهو سوچڻ غير حقيقي آهي ته گڏيل قومون غزه جي مستقبل ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي يا ان علائقي جو انتظام ڪري يا امن فوج فراهم ڪري، ڇو ته اسرائيل طرفان گڏيل قومن جي ڪردار کي قبول ڪرڻ جو امڪان ناهي. تنهن هوندي به هن چيو ته گڏيل قومون ڪنهن به جنگبندي جي حمايت لاءِ دستياب آهن. هن گڏيل قومن جي غزه ۾ جنگ بندي جي ڪنهن به قسم جي نگراني ڪرڻ جي آڇ ڪئي ??هي. گڏيل قومن جو وچ اوڀر ۾ 1948ع کان هڪ فوجي نگران مشن جاري آهي، جنهن ??ي يو اين ٽي ايس او جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل چيو ته يقيناً عالمي برادري اسان کي جيڪو به چوندي اسان ا??و ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سوال اهو آهي ته ڇا اسرائيل ان کي قبول ڪندو. هن غزه ۾ جنگ بندي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته غزه ۾ اسان جنهن قسم جون مصيبتون ڏسي رهيا آهيون، ان جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل جي حيثيت سان منهنجي مينڊيٽ ۾ مثال نٿو ملي. مون ا??تريون فوتگيون ۽ تباهي ڪڏهن به ناهي ڏٺي جيتري اسان گذريل ڪجهه مهينن ۾ غزه ۾ ڏسي رهيا آهيون. هن ا?? ڳالهه تي به زور ڀريو ته اسرائيل ۽ فلسطين جي ڏهاڪن کان پراڻي تڪرار جو ٻه رياستي حل نه رڳو قابل عمل آهي پر هي واحد حل به ??هي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته 50 لک فلسطيني هڪ رياست ۾ بغير ڪنهن حق جي رهي رهيا آهن، ڇا اهو ممڪن آهي؟ ڇا اسان ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا جهڙن خيالن کي قبول ڪري سگهون ٿا؟ هن چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته اوهان ا??ڙن ٻن ماڻهن کي گڏ رکي سگهو ٿا، جيڪي برابري ۽ احترام جي بنياد تي ناهن. پر جيڪڏهن اسان وچ اوڀر ۾ امن چاهيون ٿا ته منهنجي خيال ۾ ٻه رياستي حل ضروري ??هي. غزه جي صحت واري وزارت مطابق اسرائيلي جارحيت ۾ هن وقت تائين 40 هزار 900 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. غزه ۾ 11 مهينن کان جاري اسرائيلي ڪارروائين وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ غزه جي 23 لک آبادي مان ا??ڪل 90 سيڪڙو کي ڪيترائي ڀيرا بي گهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته والاريل اولهندي ڪناري ۾ به اسرائيلي تشدد نين بلندين تائين پهچي ويو ??هي.
غزه جهڙي خونريزي ۽ تباهي ڪٿي ناهي ڏٺي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک