بيجنگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته آم??يڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان زانگ شياگنگ هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آم??يڪا کي سمجهڻ ??هرجي ته تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ اهو چين- آم??يڪا لاڳاپن ۾ پهرين ڳاڙهي لائين جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن کي کيس پار نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻيٽ لاءِ 2 بلين ڊالرن جي امڪاني هٿيارن کي وِڪري جي پيڪيج جي حوالي سان چيو ته چين آم??يڪا تي زور ڀري ٿو ته هو تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي جي سنگين نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ آم??يڪا پنهنجي دفاعي صنعت کي تقويت ڏيڻ لاءِ تائيوان جو استحصال ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آم??يڪي بچاءَ کاتي جي دفاعي سلامتي ڪوآپريشن ايجنسي اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي کاتو تائيوان لاءِ تقريبن 2 بلين ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ نيشنل ايڊوانسڊ سرفي?? ٽو ايئر ميزائل سسٽم ۽ ريڊار سسٽم شامل هوندا.
آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: چين
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر