اسلام آباد ?? 18 ??ئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير کانپوءِ مخالف ڌر جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ موجود هو، اسان اڄ به ايوان ۾ مخالف ڌر جون تقريرون ٻڌڻ جي لاءِ موجود آهيون، اميد آهي ته هو اسان جو ج??اب به ٻڌندي، پي ٽي وي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻن جون تقريرون سڌوسنئون ڏيکارڻ سان گڏو??ڏ نجي چينل کي به فيڊ ڏئي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خورشيد شاهه پاران اسپيڪر کي سڌوسنئون ڪوريج ڏيکارڻ جي گذارش تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته هو مخالف ڌر اڳواڻ ۽ سمورن مخالف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن کي ايوان ۾ اچ?? تي ڀليڪار چوي ٿو.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک