اسلام آباد – 24 مئي (اي ??ي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان چين سدابهار دوستي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي وئي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ استحڪام جو ذريعو ئي نه پر ڌرتي تي رهندڙ انس??نن جي ترقي ۽ ڀلائي جو به ذريعو بڻجي چڪي آهي. هن اها ڳالهه پاڪ چين دوستي جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان ??وقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت ??صوصي معاون طارق فاطمي، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، ايئر چيف سهيل امان، اعليٰ سو?? فوجي عملدار ۽ ناليوارن شهرين جو وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته پاڪ چين دوستي جي شروعات ان زماني ۾ ٿي جڏهن دنيا ۾ اهڙي طرح جي بي غرض ۽ پرخلوص دوستي جون مثالون نه ملنديون هيون. هن چيو ته سڄي دنيا پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسي رهي آهي.
پاڪستان چين دوستي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي وئي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش