انقره -18 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو ان??ان?? الميو اڀري رهيو آهي. ٽي آر ٽي مطابق استنبول ۾ نار ڪانگريس سينٽر ۾ افطار پروگرام ??ي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو هڪ تڪليف ڏيندڙ دور مان گذري رهيو آهي جڏهن تڪرار، ان??ان?? الميه ۽ بحران عروج تي آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جڏهن اسان پنهنجي پي??رن?? خاندان وارن ۽ رشتيدارن سان گڏ افطار جو?? خوشيون ورهائي رهيا آهيون تڏهن غزه ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو ان??ان?? الميو آهي جنهن لاءِ لفظ ناڪافي آهن. هن چيو ته ان??ان??ت لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ ڏينهن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، جتي گرم کاڌا يا صاف پاڻي جو هڪ گلاس ملڻ به عيش و عشرت کان گهٽ ناهي. هن چيو ته اسان جي دلين جي مختلف ڪنڊن ۾ اسان جا ڀائر، خاص طور يمن، شام، سوڊان، ترڪستان ۽ افغانستان ۾، هنن مقدس ڏينهن ۾ واقعي سخت امتحانن مان گذري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ان دور مان گذري رهيا آهيون جڏهن مظلومن لاءِ ??نص??ف، امن ۽ يڪجهتي جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي آمد سان ئي ترڪ قوم غزه ۽ ٻين مظلوم علائقن لاءِ پنهنجي امداد ۾ اضافو ڪيو آهي.
فلسطيني علائقن ۾ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي: ترڪيه
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا