واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 آڪٽوبر جي حملي ۾ مارجي ۽ زخمي ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽنبن آمريڪي عدالت ۾ ايران ، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ موجب ڪيس ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان حملي ۾ فلسطيني هٿيار بند گروپ جي حمايت ڪئي هئي. رپورٽ موجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب ايران شام ۽ اتر ڪوريا اسرائيل تي حملي لاءِ مالي مدد ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 متاثرن ۽ انهن جي ڪٽنب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنج?? متاثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ متاثر خاند??نن کي ڪانگريس پاران دهشتگردي ج?? متاثرن لاءِ قائم آمريڪي فنڊ مان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪ??سن تي ادائيگين لاءِ رقم ضبط ڪيل اثاثن ۽ انهن ڪمپنين جي ڏنڊ مان ادا ڪئي ويندي آهي جيڪي انهن رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ ش??مل ڪيو آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada