گڏيل قومون-19 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني سرزمين ت??ن اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي. ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ووٽ مليا، 43 ملڪن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا ۽ 12 ٻين ملڪن ٺ??راءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، جنرل اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءَ فلسطين، پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سميت ڪيترن ئي ملڪن طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسرائيل کان 12 مهينن اندر والاريل فلسطين?? علائقي ۾ پنهنجي غير قانوني موجودگي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته والاريل فلسطين?? علائقن ۾ غير قانوني يهودي وسندين ۾ پيدا ٿيل مصنوعات جي امپورٽ کي روڪڻ سان گڏوگڏ اسرائيل کي هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ ٻئي لاڳاپيل سامان جي فراهمي يا منتقلي کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن. ڄاڻايل ٺهراءُ فلسطين پار??ن اضافي حق ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ کانپوءِ باضابطه طور تي پيش ڪيل پهريون ٺ??راءُ آهي، ٺهراءَ تي راءِ شماري والاريل اوڀر بيت المقدس ۽ باقي والاريل فلسطين?? علائقن ۾ اسرائيل قدمن تي غور لاءِ گهرايل جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي اجلاس ۾ ٿي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران فلسطين جي سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ