اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن ۽ اهي لاڳاپا مسلمان امت ۽ انسانيت جي بهتري جو سبب بڻجندا. هن اها ڳالهه ترڪ مذهبي معاملن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو و??اقي وزير سردار محمد يوسف ۽ ترڪ سفير بابر گور??ن پڻ موجود هئا. صدر چيو ته وفدن جي مسلسل مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان امام حاطب اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيون ٿا ۽ ترڪيءَ ۾ اسلامي يونيورسٽي جي طر?? تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي سان ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون وڌايو و??ندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی