اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نو??ز شريف جهڙي طرح آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي اها ئي پاسداري سمورن ادارن تي لاڳو ٿئي ٿي، آئين ۽ قانون کان جڏهن اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اونداهي دور ۾ هليو ويو، وزيراعظم محمد نو??ز شريف جو اڄ پهريون ڀيرو احتساب ناهي ٿيو، تاريخ گواهه آهي ته هو واحد شخص آهي جنهن جي ٽن نسلن جو احتس??ب ملڪي تاريخ ۾ ٽي ڀيرا ڪيو ويو. وزيراعظم محمد نو??ز شريف پاران جي آءِ ٽي ۾ پيشي جي حوالي سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته اڄ وزيراعظم محمد نو??ز شريف جي سمورن مخالفن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ملي آهي، اڄ وزيراعظم جي جي آءِ ٽي ۾ وڃڻ سان هڪ نئين تاريخ لکي وئي آهي، ان سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ۽ ادارا مستحڪم ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں