انقره – 23 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي توانائي، معيشت، زراعت، تعليم، سائنس ۽ اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪ??دي ٺوس قدمن وسيلي ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ترڪي جي اعلي?? سطح اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن بابت گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪي ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي جي حملن جي پرزور مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت جي خاتمي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو، علائقائي ۽ عالمي پ??يٽ فارم تي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل قدمن جي حمايت جو اظهار ڪ??و. ترڪي ۾ 15 جولاءِ 2016ع جي ناڪا?? بغاوت جي سخت مذمت ڪندي ترڪ بهادر عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو
پاڪستان ۽ ترڪي پاران گڏيل پڌرنامو جاري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق