اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري خطي جي اقتصادي سرگرمين جو فطري مرڪز آهي جنهن جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان ۾ بئنڪ آف چا??نا جي آپريشنز جو افتتاح هڪ تاريخي قدم آهي جنهن جي پاڪستان حڪومت دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٿي. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ بئنڪ آف چا??نا جي آپريشنز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ??ن بعد ۾ تختي جي نقاب ڪشائي ڪري بئنڪ جي آپريشنز جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب کي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوه، چين جي وقتي سفير جائو جي اون ۽ بئنڪ آف چا??نا جي چيئرمين چن سي ڪنگ پڻ خطاب ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ