اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪن??ن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙن س??ن ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انهن س??ن ڳالهيون ايندڙ چو??ڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. ??ن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ سا??س ملاقات ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آ??ن انهن س??ن ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چو??ڊن ۾ ع??ام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais