اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوص?? معاون ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو ڀارتي ظ??من خلاف بيگناهه ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار عالمي برادري لاءِ پيغام آهي ته هو ڪشمير تڪرا?? جي حل لاءِ فوري ۽ موثر ڪردار اد?? ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته او آءِ سي گواهي ڏني آهي ته ايل او سي تي ڀارتي فوج بي گناهه شهرين تي بندش پيل ڪلسٽر هٿيار استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو آهي ته ڀارت جي ڪاغذي ڪارروائي رد ڪريون ٿا، ڀارت جي ناپاڪ ڪوششن سان زميني حقيقتون تبديل ناهن ٿيون، ڀارت جي ان عمل ڪشمي?? جي آزادي جي تحريڪ کي جلا بخشي آهي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، پاڪستان سمورا دستياب آپشن استعمال ڪندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد