اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آ??ي ته هي هر پاڪستاني جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ماحول کي محفوظ بڻائڻ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن هي مقدس ذميداري ايندڙ نسلن کي منتقل ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ماحولياتي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغ??م ۾ ڪيو جيڪو سومر ڏينهن ملهايو ويو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان پيرس معاهدي جي توثيق ڪئي آهي ۽ ماحول کي بچائڻ ??اء?? سموري عالمي جدوجهد ۾ تعاون ڪري رهيو آ??ي. وزيراعظم چيو ته ماحول جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد حقيقت ۾ هڪ گهري سوچ ويچار جو سبب آهي ڇو ته هي ڏينهن ماڻهن کي قدرت سان جوڙي ٿو ۽ ان جي حقيقت کي ڄاڻڻ ??اء?? اسان کي آگاهي جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان به پنهنجي ذميدارين کان پوري طرح آگاهه آهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آ??ي ته اسان جي صنعتي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻي ترقي جا جيترا به منصوبا آهن اهي ماحول دوست آهن، اسان سمورن ترقياتي منصوبن ۾ ماحول تي اثرن جي مطالعي کي هڪ لازمي حصو بڻايو آ??ي، اسان تازن ڏينهن ۾ گرين پاڪستان سمورين صوبائي ۽ علائقائي حڪومتن ۽ عالمي ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو آ??ي، هي هڪ مڪمل پروگرام آهي جنهن جو مقصد نه صرف اسان جي ماحول کي محفوظ ڪرڻ آهي جنهن ۾ ٻيلن ۽ جنگلي جيوت شامل آهي پر ان جو مقصد ??وا?? ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته ڪهڙي طرح هر پاڪستاني ان قومي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهي ٿو.
هر پاڪستاني ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável