اسلام آباد -04 اپريل (اي پي پي) ايش??ائ?? ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي، ته پاڪستان جي ??عيشت کي لڳاتار ڏک??ائ??ن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته مضبوط ملڪي معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي ??عيشت ۾ ٻيهر اڀرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اها ڳالهه بئنڪ طرفان جاري ڪيل ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ اپريل 2023ع جي ??ليگ شپ اقتصادي رپورٽ ۾ چئي ويئي آهي. پاڪستان ۾ ايش??ائ?? ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ ??ي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني معيشت کي لڳاتار ڏک??ائ??ون درپيش آهن ۽ گذريل سال جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ معاشي مالياتي چئلينجن کي وڌ??ڪ وڌايو آهي. هن چيو ته انهن ڏک??ائ??ن باوجود مضبوط ميڪرو اڪنامڪ ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي ??عيشت اڀري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي تباه ڪن ٻوڏ سبب وڌندڙ مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ ناڻي جي ذخيرن جي بحران جي تناظر ۾ مالي سال 2023ع ۾ ملڪي اقتصادي ترقي جي رفتار سست رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جاري مالي سال ۾ ملڪ جي اقتصادي اوسر جي شرح 0.6 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال ۾ 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2023ع ۾ مالي خسارو جي ڊي پي جي 6.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي مالياتي فنڊ جو پروگرام جاري رهڻ سان خساري م گهٽتائي ايندي.
ملڪ جي مضبوط معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ٻيهر اڀري سگهي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج