مڪو شريف – 03 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي الحرمين الشريفين انتظاميا بزرگ عورتن جي سهولت لاءِ مسجد الحرام ۾ ”مصلي المسنات“ (بزرگ عورتن لاءِ نماز جي جاءِ) ج?? نالي سان نماز جو هنڌ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مسجد الحرام ۾ سماجي خدمتن جي اداري جي عهديدار ڊاڪٽر عبير الجفير مسجد الحرام ۾ بزرگ عورتن لاءِ نماز جي جاءِ جو ا??تت??ح ڪيو، بزرگ عورتن لاءِ مخصوص اهو هنڌ ڪنگ فهد جي توسيع واري عمارت ۾ زميني ماڙ تي آهي. ڊاڪٽر عبير الجفير چيو ته ان جو مقصد بزرگ عورتن کي رش جي مسئلن کان بچائڻ آهي ته جيئن اهي عبادت اطمينان ۽ سڪون ۽ يڪسوئي سان ??ري سگهن. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته انتظاميا اهو قدم اسلامي تعليم ??ي تعميل ۾ کنيو آهي جيڪو بزرگن سان خاص معاملي لاءِ چوي ٿي.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے