غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسط??ني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسام?? بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زم??ني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ??ن جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهندي. هن چيو ته حماس فلسط??ني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زم??ني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اس??ن جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اس??ن جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : راکی