رياض-07 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن چيو آهي ته سعودي عرب ويزن 2030ع تحت شاندار ترقياتي موقعن ۽ امڪانن جي بنياد تي پائيدار واڌ جي ش??ح ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. سعودي اخبار اردو نيوز موجب شهزاده محمد بن سلمان سعودي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب ۾ ترقي ۽ مالياتي ۽ اقتصادي سڌارا جاري رکڻ تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايتن موجب مملڪت جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. تيل کانسواءِ ٻين ذريعن مان قومي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سرڪاري خرچن جو دائرو وسيع ڪري واڌ جي ش??ح کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان نئين قومي بجيٽ جي پابندي ڪندي. شهزاده محمد بن سلم??ن چيو ته نئين بجيٽ سان اڀرندڙ اقتصادي ش??با ترقي ڪندا، سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، صنعتن جي حوصلا افزائي ٿيندي، مقامي منصوعات جو استعمال وڌندو، تيل کانسواءِ سعودي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۽ قومي ترقياتي فنڊ جي موثر ۽ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته مالياتي صلاحيت وڌائي ۽ سرڪاري محفوظ اثاثن ذريعي سرڪاري خزاني جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين. قومي قرضن ۾ استحڪام برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني بحران يا تبديلي کي منهن ڏئي سگهجي. هن سرڪاري خرچن ۾ اضافي جي روڪٿام جو ذڪر ڪندي چيو ته ??ن جو بنيادي سبب مقامي شهرين، پرڏيهين ۽ زائرين کي فراهم ڪيل خدمتن جو معيار بهتر کان بهتر بڻائڻ جي خواهش آهي. سعودي ولي عهد اقتصادي واڌ لاءِ نجي ش??بي سان حصيداري بهتر بڻائڻ ۽ ان کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شهزاده محمد بن سلم??ن چيو ته سعودي عرب ايندڙ سال معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ?? وچولي مدي وارا قدم کڻندو ۽ سمورن اقتصادي ش??بن کي جديد خطن تي هموار ڪري معيشت ۾ واڌ ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار بڻائيندو.
معيشت کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارا قدم کڻنداسين: سعودي ولي عهد
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis