گڏيل قومون-03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين مسئلي تي اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنو??يء?? تي ٿيندو. روسي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪائونسل جي جنو??يء?? ۾ صدارت ڪندڙ ملڪ فرانس جي مستقل نمائندي نيڪولس ڊي ريوير پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته 23 جنو??يء?? تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فلسطين سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن سوڌو ڪيترائي وزير شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ گ??رجي ۽ فسلطين ۽ اسرائيل تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ گ??رجي. فرانس جي ايلچي چيو ته اسان شهرين جي حفاظت جا پ??بند آهيون. غزه ۾ ترسيل 20 لک شهري جن ۾ ٻارڙا، پيرسن ۽ عورتون شامل آهن، اهي سڀ دهشتگرد ناهن. هن چيو ته رفح ۽ ڪريم شالوم ڪراسنگ غزه کي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ان مسئلي جي حل لاءِ قبرص کان امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي راهداري کولڻ گ??رجي.
فلسطين مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو: فرانس جو نمائندو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ