پيانگ ي??نگ-12 نو??بر (اي پي پي) اُتر ڪوريا روس سان دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا. پرڏيهي مي??يا مطابق ان معاهدي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ناتن کي بهتر بڻايو ويو آهي. پرڏيهي مي??يا ٻُڌايو ته اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان هڪ حڪمنامي ذريعي روس سان معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ روس جي پارليامينٽ گذريل هفتي ان معاهدي جي توثيق لاءِ اتفاق راءِ تي ووٽ ڏنو هو جنهن تي صدر ولادي مير پيوٽن بعد ۾ صحيحيون ڪيون هيون. روس جي صدر ۽ اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ??ون ۾ روس جي صدر جي اُتر ڪوريا جي دؤري دوران اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون. هي معاهدو ٻنهي رياستن کي هڪٻئي تي حملي جي صورت ۾ ڪنهن دير کانسواءِ فوجي مدد فراهم ڪرڻ ۽ اولهه جي پابندين جي مخالفت ڪندي گڏيل تعاون جو پا??ند بڻائي ٿو. ولادي ميرپيوٽن ??ون ۾ ٿيل ان معاهدي کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو هو.
اُتر ڪوريا روس سان تاريخي دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا
مضمون کا ماخذ : رومن دولت