گڏيل ??ومون – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل ??ومن ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت کي وائکو ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪشميرين جي شهادت ۽ بربريت جو پتو لڳائڻ لاءِ گڏيل ??ومن کان فيڪٽ فائنڊنگ مشن موڪلڻ ۽ انڪوائري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گڏيل ??ومون ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري. گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته فوجي طاقت جي استعمال سان افغانستان جو مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي، افغانستان ۾ 35 سالن کان گهرو ويڙهه جا پاڪستان تي به اثر پيا آهن، پاڪستان ڀارت سان امن چاهي ٿو، ڀارت ڳالهين جي لاءِ اڳواٽ شرطون رکيون، پاڪستان ۽ ڀارت جون ڳالهيون ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، ڪشميرين جي نئين نسل ڀارتي قبضي خلاف ??ٿي بيٺي آهي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا