اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ قومي غذائي تحفظ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته زراعت کي معيشت جي هڪ فعال شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ درپيش چئلينجن تي ضا??طو آڻڻ ۽ خاص طور تي ننڍن آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو وڃي. هو قومي غذائي تحفظ واري وزارت بابت بريفنگ جي صدارت ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم کي ملڪ جي زرعي شعبي ۽ ملڪ ۾ موجود چئلينجن تي ضا??طو آڻڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي ڪوششن سا?? گڏوگڏ معيشت جي حوالي سا?? ان شعبي جي مجموعي ڪردار ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : راکی