اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني ??ئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسم??شن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو اليڪشن ڪم??شن پاران نوٽيفڪ??شن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان پاران 11 آگسٽ تي نوٽيفڪ??شن ڪيو وڃي ٿو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل م??مب?? اسيمبلي جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil