اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪن??ن تي به ڪيس ناهن ٺاهيا، حڪومت پهرين کان موجود ڪيسز تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان ته صرف چورن کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، اليڪشن ڪميشن کي سنڌ اسيمبلي ۾ تيمور ٽالپور جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جنهن ۾ هن سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ جو ??عت??اف ڪيو، اهو اهم ا??ڪش??ف آهي، قومي ادارن ۾ سياسي ڀرتين سان ٻيڙو غرق ٿيو آهي پر ملازم چاهي ڪهڙي به طريقي سان ڀرتي ٿيا هجن حڪومت انهن کي نه پئي ڪڍي، ادارن ۾ سڌارا ضروري آهن، اهي قرضن سان ن??هن هلندا، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيند?? وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي تمام گهڻي ڪاوڙ آهي پر ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جو ڪيس اسان فائيل ناهي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج