اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪ??نٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪ??وڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان م??جب صدر حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم جي پاسداري ڪ??ي ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪ??ي، صدر ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪم ڏيندي ان ۾ دير جي سببن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، حيدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سبب 8 سيپٽمبر 2012ع تي ڪ??نٽ لڳڻ سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.
صدر پاران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙن جي معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ