اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستاني?? کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لا??ِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لا??ِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائين جي لا??ِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لا??ِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ اليڪشن جي لا??ِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لا??ِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت ??انپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز ۽ ??زي??اعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
وفاقي حڪومت پاران 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن لاءِ آئيني پئڪيج آڻڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز