اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران 8 معاهدن تي صحيحون ٿينديون، ايندڙ ٻن سالن ۾ سعودي عرب پاران 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، سعودي عرب تيل ۽ گئس، زراعت، توانائي، پيٽرو ڪيميڪل، ??وراڪ، زراعت، پروسيسنگ، ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، سعودي عرب 30 سالن کانپوءِ وزيراعظم کي اسٽيٽ وزٽ ڏنو، ميونخ ڪانفرنس جي موقعي تي افغان صدر اشرف غني سميت روس، ڪئناڊا، از??ڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ٿينديون. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جي چ??ئرمين هارون شريف سان گڏيل پريس ڪانفر??س کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته سعودي عرب سان لاڳاپا سردمهري جو شڪار هئا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٻئي پٺيا?? دورن سان سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ خوشگوار تبديلي آئي آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے