اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي اقتدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي اهميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو نظام شفاف هجڻ گهرجي، اسان جو قانوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي ??ين??ٽ جو ميمبر چونڊجڻ گهرجي. ??ين??ٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ??ين??ٽ جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ??ين??ٽر فيصل جاويد به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ان کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ايز جي ووٽن سان چونڊجي ??ين??ٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اسان جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته ??ين??ٽ اليڪشن ۾ پارٽي جي چونڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن.
وزيراعظم جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي استعمال کي ختم ڪرڻ آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔