اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي لاءِ ميرٽ جو طريقيڪار اختيار ڪيو آهي، اسان کي ان تي فخر ڪرڻ گهرجي. صدر جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏنو جنهن ۾ ڪ??هه ملڪن ۾ قطار ٽوڙي وي آءِ پي، اشرافيه ۽ طاق??ور ماڻهن کي جلدي ڪورونا جي ويڪسين لڳائڻ جي واقعن جو جائزو پيش ڪيو ويو. صدر ان ??ور??حال کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ان جي ابتڙ پاڪستان ان طرز ع??ل کان محفوظ رهيو جتي ماڻهن کي ميرٽ تي ويڪسين لڳائي پئي وڃي. صدر چيو ته اهو ميرٽ وارو نئون پاڪستان آهي ۽ اسان کي ان تي فخر ڪرڻ گهرجي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج