اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چي??س آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شر??ت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي ??ست?? پڻ پريڊ ۾ شر??ت ڪئي. هٿياربند فوج جي ??ست?? صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چي??س آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي پريڊ ۾ شامل فوجي ??ست?? جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي عورت ??ست??، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.
82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت