اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ??هي ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، ا??تصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪستان جي اندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي وز??راعظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن وز??راعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات واري وز??ر چيو ??ه اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آهن ته اهي ٻنهي ملڪن جي عوام سان شروع ٿيندا ??هن، ٻنهي ملڪن جي عوام محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، هن چيو ??ه جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪستان ۾ ايندو آهي ته اسان کي يقين هوندو آهي ته اهو اسان جي فائدي لاءِ هوندو، اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ??ه ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، ا??ڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ا?? واقعي کانپوءِ وز??راعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ??ه جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ??ه وز??راعظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وز??راعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ??ه ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آهي، هتي ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي سدائين لاءِ پاڪ چين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا ??هن، اطلاعات واري وفاقي وز??ر ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ??ه وز??راعظم جي مستقل خواهش آهي ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين تائين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ??ن موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.
پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي،اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن