اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ??تا?? جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ معاشي ??اڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪ??تا?? ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? ۾ جاپاني سفير ڪوني اوري ماتسودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر جاپان جي بادشاهه ناروهين تو جي سالگرهه تي جاپاني سفير کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ جاپان جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مختلف شعبن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪ??تا?? انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي ترقي جي عمل ۾ خدمتن جي ڪري هتي جاپان بابت خيرسگالي جو جذبو موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ معاشي ??اڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪ??تا??ي معيشت خاص طور تي زراعت، آٽو موبائيل، ٽيڪنالاجي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ دستياب ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? جاپان حڪومت جي قرضن جي ادائيگين کي ملتوي ڪرڻ جي فيصلي ۽ ڪوويڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهي ٿو.
پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی