اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهت??ين انداز ۾ باور ڪرايو ??ه افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان ??ي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ماضي جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائي??ار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظم عمران خان ??ڏيل قومن ۾ دليراڻي انداز سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ??شمي??ين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪر??ار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي ميت کي اسلامي رسمن سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??ڏيل قومن ۾ انتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ئي آئينو پڻ ڏيکاريو، الحمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترج??ح ڏي ٿو.
وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری