اسلام آباد – 12 ̵1; آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي آهي ته ربيع الاو?? جي پهرين عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي س??رت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪر?? جي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن. وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهائ?? جي حوالي سان مختلف قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 12 ربيع الاو?? جي مناسبت سان هڪ عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ناليوارن اسڪالرز، مذهبي عالم سڳورن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي شرڪت ۽ خطاب جي درخواست ڪئي جنهن کي وزيراعظم منظور ڪيو. وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي س??رت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪر?? جي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.
وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا