اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پن??نج?? صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪي??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم عمران ??ان هدايت ڪئي ته غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پروگرام جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪارد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان کان ??ڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم عمران ??ان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان ??خت، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي شر??ڪ ٿي??. و??يراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان ??روع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کان ??چائڻ جي لاءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پروگرام جي لاءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پروگرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان ??ريداري تي رعايت ملندي.
حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز