اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مخ??لف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل ب??اء?? جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي، معاشري کي روادار بڻ??ئڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي اد??رن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ادارا قومن جي وچ ۾ مذهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مخ??لف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻ??ئڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آرچ بشپ چيو ته پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت آهي.
مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا