اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس ا??لي?? ترجيح ??هي?? اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو ??هي?? اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار ??هي?? ان عهدي تي بنا مقابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي سال ۾ بطور اسپيڪر منهنجي چونڊ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن ??عزز ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو منهنجي ا??لي?? ترجيح ??هي?? اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊين آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ا??لي?? ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن ??نصب جي لاءِ هن ??عزز ايوان منهنجي بنا مقابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا مقابلي پنهنجو پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊين آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو ??هي?? قائداعظم جو خطاب جتي پاڪستان جو پهريون سرڪاري ۽ قومي آئيني بيانيو ??هي?? اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ مهر هڻي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اسپيڪر منهنجي پهرين ذميواري هن ايوان جي خودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. منهنجي ناقص راءِ ۾ آئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ??لڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو. پاڪستان جي آئين جي شق 91 جي ذيلي شق 6 جي حقيقي روح کي سامهون رکندي سموري وفاقي ڪابينا رڳو هن ??عزز ايوان کي جوابده هجي ڪنهن ??رد واحد کي نه هجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي انهن چونڊل نمائندن جي راءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پنهنجون پاليسيون پوري ديانتداري سان هن ??ائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽين آڏو رکي.
ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل