راولپنڊي -30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ کان بچاءَ ۽ امدادي ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ سوات جي علائقن جو دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد ڪمراٽ، ڪالام ۽ ڀرپاسي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ امدادي ڪارروائين بابت زميني ??قي??تون معلوم ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ريسڪيو ۽ رليف ??پر??شن لاءِ ملڪ جي ٻو?? متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽر 82 اڏامون ڀريون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 هيليڪاپٽرن جي اڏامن ذريعي 316 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ 23.27 ٽن راشن ۽ امدادي شيون فراهم ڪيون ويون. ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻو?? متاثرن ۾ 3540 راشن جا پيڪيٽ ۽ 250 خيما ورها??ا ويا. جڏهن ته 51 فري ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 33025 مريضن جو علاج ڪيو ويو. آرمي فلڊ رليف ڪو آرڊينيشن سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندو آهي جنهن ۾ فوج جي سطح تي ا??ٽيڪ هولڊرن سان هم آهنگي سان ريسڪيو ۽ رليف جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن. رليف جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ 217 پوائنٽ قائم ڪ??ا ويا آهن، جتي هيل تائين 122.87 ٽن خوراڪ (اٽو، داليون، کنڊ وغيره) 5.9 ٽن غذائي شيون (خيما، ترپال)، ڪپڙي وغيره گڏ ڪ??ا ويا آهن. عالمي ٻوڏ رليف امداد جي حوالي سان ترڪيه مان 7 فوجي جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. گڏيل عرب امارات مان 3 فوجي جهاز نور خان ايئر بيس راولپنڊي پهچي ويا آهن. چين مان 2 جهاز 3000 خيما کڻي ڪراچي پهچندا. جاپان مان ترپالون ۽ پناه گاهون اڄ ڪراچي پهچنديون. ڪينيڊا 5 ملين آمريڪي ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. برطانيه 1.5 ملين پائونڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته آذربائيجان 2 ملين آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو بوڏ متاثر علائقن ڪمراٽ ۽ ڪالام جو دورو
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا