اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين کي ”آئرن برادر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته ا??ان جي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، سندس چيني قيادت ??ان ملاقاتون انتهائي نتيجاخيز ۽ ڪارائتيون رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي پنهنجي تازي ٻ?? ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران چائنا گلوبل ٽيليويزن (سي جي ٽي اين) کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ا??ان آئرن برادر آهيون ڇو ته هي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، هن دوستي کي ڪير نقصان نه ٿو پهچائي سگهي، هن دوستي ۾ ڪير به جڳهه نه ٿو ماڻي سگهي ڀلي ڪجهه به ٿي وڃي، ا??ان دوست رهيا آهيون، ا??ان دوست آهيون ۽ ا??ان دوست رهنداسين. وزيراعظم چين پاڪستان لاڳاپن ??ان گڏوگڏ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ ڳالهه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ، پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ ڪاروباري سطح تي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، عالمي معاملن کي گڏيل طور تي منه?? ڏيڻ ۽ چيني قيادت پاران وڏي پئماني تي حوصلا افزائي ۽ حمايت حاصل ڪري وطن واپس وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين قومي ڪانگريس جي موقعي تي پهرين غيرملڪي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت ??ان چيني قيادت ج?? دعوت تي چين جو دورو ڪرڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اهو ا??ان جي آئرن برادر هجڻ ۽ ڀائيچاري جو اظهار آهي، اهو ا??ان جي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جو اظهار ڪري ٿو، ا??ان چيني قيادت ج?? ان قدم جي دل جي گهرايئن ??ان تعريف ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي دوري دوران هن مسلسل ملاقاتون ڪيون، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ ??ان ملاقاتون سڀ کان وڌيڪ دوستاڻي، نتيجاخيز، واضح ۽ ڪارائتيون رهيون. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جاگرافيائي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ مشاورتي عمل کي وڌائڻ ۽ نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته چين کي الله تعاليٰ تمام گهڻن وسيلن ۽ توانائي ??ان نوازيو آهي، ڪڏهن توسيع پسندي جي ارادن جو اظهار ناهي ڪيو، ان جي ابتڙ چين ۽ صدر شي جن پنگ جو فلسفو عالمگيريت، ڳالهه ٻولهه، خوشحالي ۽ ترقي بابت آهي. هن چيو ته جن جي پاليسي چين جو رستو روڪڻ آهي انهن جي پاليسي افسوسناڪ طور تي غلط آهي، اهي چين کي ڪڏهن به قابو ۾ نه رکي سگهندا. وزيراعظم چيو ته چين هڪ طاقت آهي ۽ دنيا چين کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي، چين پرامن ذريعن تي يقين رکي ٿو، چيني فوج جي اڳڀرائي جارحيت ج?? لاءِ نه آهي، اها ان جي دفاع لاءِ آهي ۽ بجا طور تي آهي. هن چيو ته ماضي جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي چين ان علائقي ۾ ڪمزور رهڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ چين فوجي طور تي مضبوط هجڻ جو حق رکي ٿو.
پاڪستان ۽ چين کي ”آئرن برادر“ آهن، اسان جي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، چيني قيادت سان ملاقاتون انتهائي نتيجاخيز ۽ ڪارائتيون رهيون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی