استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو. استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استنبول جي نائب گورنر محمود حرسانلي ??ول??، اعليٰ ترڪ سول ۽ عسڪري عملدارن، پا??ستان سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ آهي. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوا?? استنبول شپ يارڊ ۾ پا?? بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پا??ستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پا?? بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ ”پي اين ايس بابر“ جي لانچنگ جي تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي هئي جڏهن ته ٻئي جهاز ”پي اين ايس بدر“ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي واپاري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) ??ي صدر سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین