اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غيرملڪي پبلڪ دس??او??زن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪن??ينشن“ جي توثيق ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت غيرملڪي سرڪاري دس??او??زن جي لاءِ قانوني حيثيت جي شرط کي ختم ڪرڻ (1961ع جي اپوسٽيل ڪن??ينشن) بابت هيگ ڪن??ينشن تسليم ڪيو آهي. اهو ڪن??ينشن پبلڪ دس??او??زن جي تصديق جي عمل کي انتهائي مختصر ڪري ڇڏي ٿو جنهن موجب دس??او??ز جاري ٿيندڙ ملڪ جي نامزد اٿارٽي پاران هڪ تصديقي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ”اپوسٽيل“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اپوسٽيل پاران تصديق ٿيل غيرملڪي پبلڪ دس??او??زن کي وڌيڪ ڪن??ن تصديقي عمل مان گذرڻ جي شرط کانسواءِ سڌوسنئون لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪن??ينشن ۾ شامل رياست جي ذميوارين موجب پاڪستان جا لاڳاپيل عملدار هاڻي ڪن??ينشن جي ميمبرن/ معاهدو ڪندڙ رياستن پاران جاري ڪيل فارن اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس کي لاڳو ٿيڻ جي تاريخ يعني 9 مارچ 2023ع کان پرڏيهي وزارت يا ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کان تصديق جي شرط کانسواءِ قبول ڪندا. ترجمان موجب ضروري قانونسازي ۽ ٻين گهرجن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پاران ”اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس“ جاري ڪرڻ جو عمل به ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي ويندو. پرڏيهي وزارت ڪئمپس ??فيسز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز تي معمول جي تصديق جون خدمتون معمول موجب جاري رهنديون.
پاڪستان پاران غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪنوينشن“ جي توثيق
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن