اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ا??ن ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررو??ين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذريعي 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذريعي موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي ??ين ڊي ايم اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. ??ين ڊي ايم اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذريعي 36402 سردي جي موسم جا خيما ترڪيه موڪليا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔