مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي ع??ب جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي وا??ي وفاقي وزير ۽ خادم الحرمين الشريفين جي حج مهمانن جي پروگرام جي جنرل سپروائيزر شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزي?? آل شيخ چيو آهي ته سعودي حڪومت حاجين جي سهولت لاءِ جامع قدم کنيا آهن. ڪورونا وبا بعد هلندڙ سال حج جو وڏو اجتماع هوندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزارت جو ڪم 3 اهم معاملن ۾ ٿيندو آهي، پهرين حصي ۾ ميقات ۽ مقدس هنڌن جي اردگرد علائقن سميت هڪ هزار کا?? وڌيڪ مسجدن جي تعمير ۽ انهن جي مرمت شامل آهي. ٻئي معاملي ۾ حج ۾ اسلامي جاڳرتا لاءِ جنرل سيڪريٽريٽ جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ هوندو آهي، جنهن جو مقصد 40 کا?? وڌيڪ عالمي ٻولين ۾ 32 ملين تعليمي خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. هن ٽئين اهم پروگرام جو اعلان ڪيو جيڪو حج ۽ عم??ي وغيره لاءِ خادم الحرمين الشريفين جي پروگرام بابت آهي. هن سال ان پروگرام تحت سڄي دنيا جي 90 کا?? وڌيڪ ملڪن مان حاجين جي ميزباني ڪئي ويندي، ان کان علاوه فلسطين رياست جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن جا هڪ هزار حاجي به شرڪت ڪندا. هن چيو ته 7200 کا?? وڌيڪ سعودي اهلڪار حاجين جي خدمت لاءِ مقرر آهن. وزارت مڪي پاڪ جي ترقي لاءِ رائل ڪميشن جي سهڪار سان مقدس هنڌن جي سمورن مسجدن جي بهتري، سار سنڀال ۽ صفائي جو ڪم مڪمل ڪ??ي ورتو آهي. اهم ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته مڪي پاڪ ۾ 250 ملين ريالن جي لاڳت سان 75 نيون مسجدون ??عمير ڪيون ويون ۽ مڪي پاڪ جي سمورين مسجدن جي سار سنڀال تي 300 ملين ريالن کا?? وڌيڪ لاڳت آئي آهي. حج جي موسم لاءِ هڪ هزار 300 مبلغن کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي. مقدس هنڌن تي آءِ پيڊ ذريعي ويڊيو ڪالنگ سروس شروع ڪئي وئي آهي ۽ 200 لائينن ذريعي حاجين جي ڪال وصول ڪرڻ لاءِ هڪ مفت فون ??روس پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه وزارت قرآني آيتن جو 76 کا?? وڌيڪ عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آهي. هڪ اليڪٽرانڪ لائيبريري سروس متعارف ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين 1417ع ۾ شروع ٿيڻ بعد سڄي دنيا جي 140 ملڪن مان وڏي انگ ۾ حاجين جي ميزباني ڪئي آهي.
سعودي حڪومت حاجين جي سهولت لاءِ جامع قدم کنيا آهن، ڪورونا وبا بعد هلندڙ سال حج جو وڏو ميڙ هوندو: شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزيز آل شيخ
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena