اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قو?? جو فخر آهن، قو?? ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قو?? جو فخر آهي، انهن جي شهادتن کي اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، مون سميت سڄي قو?? لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ جي انهن عظيم فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. تاريخ گواهه آهي ته ملڪ کي م??ري اک سان ڏسندڙ دشمن جو مقابلو هجي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو هجي يا قدرتي آفتون هجن، قو?? جڏهن به پنهنجي جوانن کي ياد ڪيو انهن پنهنجو رت قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. قو?? ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد، برگيڊيئر امجد حفيظ شهيد، برگيڊيئر محمد خالد شهيد، ميجر سعيد احمد شهيد، ميجر ايم طلحيٰ منان شهيد ۽ نائيڪ مدثر فياض شهيد جون تصويرون به شيئر ڪيون.
ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی