اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر تي گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، 18 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت ڪندو، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو، هو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت ڳڻتي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪندو جيڪو گڏيل ق??من جي ايجنڊا تي ڊگهي عرصي کان حل طلب مسئلن مان هڪ آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ج?? لاءِ نگران حڪومت پاران کنيل اهم قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت تفصيل سان ٻڌائيندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي اهتمام هيٺ پائيدار ترقي جي هدفن ۽ ٻين اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪندو، هو ڪورونا وبا، جاگرافيائي سياسي ڇٽاڀيٽي ۽ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ گلوبل سائوٿ کي درپيش سڀ کان اهم معاشي ۽ ترقي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ عالمي سطح تي گهربل موثر قدمن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ج?? لاءِ قدر جوڳا پليٽ فارمز مهيا ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي مختلف ملڪن جي هم منصبن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نگران وزيراعظم سائي?? لائينز تي منعقد ٿيندڙ مختلف سرگرمين دوران يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن سان مُلاقاتن جي موقعي مان به فائدو کڻندو. نگران وزيراعظم عالمي ميڊيا سان پڻ ڳا??هه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ق??من کي قومي رياستن جي سڀ کان نمائنده ۽ ٺوس فورم طور ڏسي ٿو، جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي شرڪت گهڻ رخي ج?? لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو مظهر آهي، گڏيل قومون امن ۽ خوشحالي جي فروغ لاءِ عالمي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena