واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄاون آمريڪي وا??ارين کي ٻ??ڌايو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ڪيل??فو??نيا ۾ قائم پاڪستان آمريڪن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ دوران چيو ته اسان جي اولين ترجيح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجوده حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون به ڏئي رهي آهي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪرڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن وا??اري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا وا??اري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چيمبرز ۽ وا??اري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.
پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo