اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين جي سهولت لاءِ قائم مي??يا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. پي آء?? ڊي پاران جاري پڌرائي موجب مي??يا سينٽر ۾ صحافين جي سهولت لاءِ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، جديد ترين ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس، پرنٽرز، اسڪينرز، ايل اي ڊيز ۽ ايس اين ڊيز موجود آهن. مي??يا سينٽر ۾ صحافين جي مدد جي لاءِ پي آء?? ڊي جو تربيت يافته عملو ۽ آفيسر به موجود آهن. مي??يا سينٽر کي ايس اين ڊيز جي ذريعي اليڪشن ڪميشن جي ”اليڪشن سٽي“ سان به ڳنڍڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي هيلپ لائين ايم او آء?? بي به مڪمل طور تي فعال آهي. صحافي mediahelpline.moib.gov.pk تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. شڪايتن جي داخلا لاءِ ٽيليفون هيلپ لائين 0519252287 به فعال ڪئي وئي آهي. مي??يا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهولت لاءِ قائم ڪيو ويو. مي??يا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سڀئي ضروري سهولتون، قابل اع??ماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ به ميسر آهي. اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن سميت 7 شهرن ۾ مي??يا سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن. انهن سينٽرز تي 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. چونڊن واري ڏينهن سينٽرز کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ صحافين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام به موجود آهي.
صحافين جي سهولت لاءِ قائم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي: پي آءِ ڊي
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری