اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان ??رين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي فنڊ ?? پاڪستا?? حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن سان نه رڳو صارف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان ??ڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ??الهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پر??ڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان ??ي مالي امدا?? فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي سان ??ڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪستا?? حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي تعمير جي لاءِ سعودي فنڊ ?? پاڪستا?? حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو، ان سان نه رڳو صاف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان ??ڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سي اي او سعودي فنڊ وزيراعظم سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پر??جيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پر??جيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پر??جيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي تعاون کي ساراهيندي سعودي فنڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ڊي گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ??الهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي عرب شاهي خاندان جي قيادت ۾ پاڪستان ??ي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ