اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سفير ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اڄ رات پاڪستان هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي برط??نو?? فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ ميمبرن، برط??نو?? پرڏيهي وزير الزبيٿ ٽرس ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيتن سان ملاقات پڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ا??م علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، ا??م علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير جو اهو برطانيا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی